هيڪرز جي مدد سان اعليٰ ۽ سياسي شخصيتن جا موبائل نمبر حاصل ڪيا: حريم شاهه

0
269
ڀلي منهنجي خلاف جاچ

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناليواري ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه پنهنجي ڪيريئر سوڌو اعليٰ ۽ سياسي شخصيتن تائين پهچ بابت اهم ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن زندگي ۾ مون کي موقعو ميلو ته پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿينديس ۽ ان پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو سبب بلاول ڀٽو زرداري آهي، جنهن جو انداز بيان تمام گهڻو پسند آهي، هن چيو ته پرڏيهي وزارت اجازت وٺي وئي هيس، اجازت سان ئي تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهيون، منهنجي لاءِ اتي وڃڻ آسان هو

پرڏيهي وزارت ۾ ڇوڪرن لاءِ وڃڻ ڏکيو آهي پر منهنجي لاءِ آسان هو، حريم شاهه جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ کي پرڏيهي وزارت ۾ پاڻ کي داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي هو مونکي اجازت ڪيئن ٿو ڏياري سگهي؟  حريم شاهه جو چوڻ هو ته هڪ هيڪر کان پاڪستان جي وڏين شخصيتن جا نمبر گهريا هئا جنهن بعد مونکي نمبر مليا ۽ پوءِ مان گهڻن ماڻهن جا نمبرز ٽراءِ ڪيا ۽ ڪيترن ئي نه منهنجو نمبر نه کنيو پر جڏهن به ڪال ڪنهن وزير کي ڪئي انهن فوري طور تي اٽينڊ ڪئي

 گهرو وزير شيخ رشيد جي نمبر جي حوالي سان حريم شاهه چيو ته ان سان سندس پراڻي دوستي آهي، پهرين ملاقات هڪ پارٽي ۾ ٿي هئي، مان شيخ رشيد کان نمبر گهريو هو ۽ ان ڏنو، حريم شاهه جو چوڻ هو ته جيڪو ڪجهه به ٿيو ان باوجود شيخ رشيد مونسان ڳالهائيندو آهي ۽ منهنجي ڪال به رسيو ڪندو آهي، جڏهن ته شيخ رشيد جون وڊيوز وائرل ڪرڻ رڳو هڪ مذاق هئي، حريم شاهه جو چوڻ هو ته مونکي هڪ هدايتڪار جي طرفان فلم ۾ آفر به ڪئي وئي پر مان ڪپڙن پهرڻ جي آڇ تي انڪار ڪيو. حريم شاهه جو عورت مارچ بابت چوڻ هو ته منهنجو جسم، منهنجي مرضي جي نعري جي خلاف آهيان ڇو ته اسلام جيڪي حق عورت کي ڏنا آهن اهي ٻئي ڪنهن به مذهب ناهن ڏنا، ايترن حقن باوجود عورت کي ڪهڙا حق گهرجن؟ جيڪڏهن مان ان مارچ جي سربراهه هجان ها ته عورت کي ملازمت ۽ تعليم کان نه روڪيو وڃي جو نعرو هڻان ها، حريم شاهه جو چوڻ هو ته مڙس جو ڪم عورت جي ذميواري آهي جيڪڏهن عورت اهو نٿي ڪرڻ چاهي ته ان کي گهرجي ته گهر ۾ ويهي رهي ۽ شادي ئي نه ڪري.