روهڙي (ن پ ا) ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق چيو آهي ته عمران خان هيڏانهن پاڪ فوج جي مخالفت ڪري رھيو آھي ته هوڏانهن آرمي چيف جو مدو وڌائڻ جو مطالبو ڪري رھيو آھي، سندس مستقبل الله ئي ڄاڻي ٿو. برساتن سبب تباهه ٿيل ريلوي ٽريڪ جي معائني بعد سکر ۾ ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته ريلوي ۾ هن کان پهرين به بحران آيا پر اھڙو بحران پھريون دفعو ڏٺو آهي. ريلوي ٽريڪ پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن، جن جي بحاليءَ جو ڪم تيزي سان جاري آهي. ريلوي جي گينگ مينن کي سلام پيش ڪريان ٿو، جن ڏينهن رات هڪ ڪري پنجاب کان روھڙيءَ تائين ريلوي ٽريڪ کي بحال ڪيو آهي، تمام جلد روهڙيءَ کان ڪراچي ٽريڪ به بحال ٿي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ريلوي اسٽيشن تي ڪم ڪندڙ قلي به برساتن ۾ سخت متاثر ٿيا آهن، سندن مالي مدد ڪئي ويندي. ھن جو چوڻ هو ته ٻوڏ ۽ برساتن ۾ وڏو نقصان ٿيو آهي، جنهن ڪري ڪوئيٽا ۽ سبي ٽريڪ جي بحاليءَ ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان ھڪ ڏينهن آمريڪا کي گاريون ڏئي رھيو آھي ته ٻئي ڏينهن معافيون وٺي رھيو آھي، هيڏانهن پاڪ فوج جي مخالفت ڪري رھيو آھي ته هوڏانهن آرمي چيف جو مدو وڌائڻ جو مطالبو ڪري رھيو آھي. عمران خان جي مستقبل الله ئي ڄاڻي ٿو. ميڊيا سان ڳالهائڻ بعد وفاقي وزير سعد رفيق اسپيشل ٽرين ذريعي روهڙيءَ کان ڪراچي ويندڙ ريلوي ٽريڪ جي معائني لاءِ روانو ٿي ويو.