ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شهرين کي هيپناٽائيز ڪري ڦريندڙ 2 جعلي عامل گرفتار، ان ڏس ۾ شاهه لطيف ٽائون ۾ رينجرز ۽ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي ٽيم گڏيل ڪارروائي ڪري جعلي عامل اويس عرف نانا بنگالي عرف لالا مسيح عرف سيد تنوير حسين شاهه عرف بخاري عرف جيسن مسيح ۽ ارسلان ساجد کي گرفتار ڪري ورتو. ترجمان موجب جوابدار عامل جو روپ ڌاري سوشل ميڊيا جي مختلف ايپس ذريعي ڏيهه توڙي پرڏيهه ويٺل ماڻهن کي مسئلن جي حل جو ڏٽو ڏئي ڦريندا هئا. ترجمان موجب جوابدارن جو ٽارگيٽ اڪثر ڪري پريشاني جو شڪار ڇوڪريون هيون، جوابدارن گھريلو ۽ معاشي پريشانين ۾ مبتلا ماڻهن کان لکين رپيا ايزي پئسا ذريعي ورتا. جوابدارن کي ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم حوالي ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي .