ميروخان (ن پ ا) قمبرشهدادڪوٽ ضلعي جي سوين هيلٿ ورڪرز جون 26 تي جون تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾  بنا معاوضي جي ڊيوٽيون لڳائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان حوالي سان ليڊي هيلٿ ورڪرز يونين قمبر شهدادڪوٽ جي اڳواڻ لعل خاتون مغيري، رخسانا ڏيٿو، سردار خاتون لانگاهه، امام زادي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته  ضلعي جي 800 کان وڌيڪ ليڊي هيلٿ ورڪرز جون اليڪشن ۾ بنا معاوضو ڏيڻ جي ڊيوٽيون لڳايون ويون آهن، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته مفت ۾ اليڪشن ڊيوٽي لڳائڻ وارو عمل ڪنهن به صورت ۾ مناسب ناهي، معاوضو ڏنو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اليڪشن ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو ويندو.