ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) صحت کاتي پاران ملازمن کي هيلٿ رسڪ الائونس ڏيڻ تي غور شروع، ڊي جي صحت جي  سربراهي ۾ 5 رڪني ڪاميٽي قائم،  رپورٽن موجب صحت کاتي جي اختيارين پاران ملازمن کي هيلٿ رسڪ الائونس ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ صحت کاتي جي سيڪريٽري پاران ڊي جي صحت سنڌ جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، ڪاميٽي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (جنرل) هيلٿ، پي ايم اي ۽ واءِ ڊي جي نمائندن ۽ ڊپٽي سيڪريٽري (ايڊمن) کي ميمبر طور مقرر ڪيو ويو آهي. ڪاميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته 7 ڏينهن اندر سفارشون جمع ڪرايون وڃن.