ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ صحت کاتي جي ملازمن جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جوڙي ورتي، مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ کان احتجاج جو اعلان، ان ڏس ۾ ڊاڪٽر پير منظور، ڊاڪٽر وارث جکراڻي، ڊاڪٽر محمد خان شر، ڊاڪٽر ياسين عمراڻي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪجهه مهينا اڳ پنهنجن مطالبن لاءَ احتجاج ڪيا،  انهي دوران پوليس گردي به ٿي، صحت کاتي ٽيمون موڪلي احتجاج ختم ڪرايو. بجيٽ  ۾ پيرا ميڊيڪل لاءِ هيلٿ الائونس ۽ ٻيا الائونس رکڻ جي خاطري ڪرائي، افسوس جي ڳالهه آهي ته ايندڙ بجيٽ 2023.24 ۾ به پيرا ميڊيڪل لاءِ ڪا به بجيٽ ناهي رکي وئي، اسان مطالبن لاءِ  سنڌ جي سرڪاري اسپتالن تي ڪارا جهنڊا چاڙهي احتجاج ڪنداسين،  هنن چيو ته اڄ سنڌ ڪابينا جو اجلاس آهي جنهن ۾ سال 2023.24جي بجيٽ جو ڊرافٽ پيش ڪيو ويندو،  بجيٽ ۾ پيرا ميڊيڪل عملي جا هيلٿ الائونس ۽ ٻيا الائونس شامل نه ڪيا ويا ته سومر کان پوري سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ او پي ڊيز جو بائڪاٽ ڪيو ويندو۔