آرمينيا(انٽرسٽنگ نيوز) آرمينيائي شخص هيلي ڪاپٽر تان لڙڪي هڪ منٽ ۾ وڌ کان وڌ پل اپ هڻڻ جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. بنيادي طور تي ايٿليٽ، همازپ هوليان پنهنجي قدم کان ڪجهه مٿي اڏامندڙ هيلي ڪاپٽر جي يلنڊنگ ريلنگ پڪڙي هڪ منٽ ۾ 32 پل اپ هنيا ۽ ان دوران هن جي رفتار ۾ به ڪا گهٽتائي نه آئي. گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ان اهم ڪاوش جي تصديق ڪئي آهي پر باضابطه طور تي اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. همازپ چيو آهي ته هن اهڙي رڪارڊ جي لاءِ گهڻي مشق ڪئي آهي ۽ سخت محنت کانپوءِ ئي اهڙو رڪارڊ ٽوڙڻ جي قابل ٿيو آهي. ان کان اڳ سال 2022ع ۾ بيلجيئن ايٿليٽ اسٽين بروننڪ هڪ منٽ ۾ لاڳيتو 25 پل اپ مڪمل ڪري هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو هو.