راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار عالمي دهشتگرد تنظيم القاعده جي سربراهه ايمن الظواهري جي مارجڻ بابت چيو آهي ته پرڏيهي وزارت جي وضاحت کانپوءِ ڪو بيان ٺهي ئي نٿو، ايمن الظواهري تي حملي جي حوالي سان سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته پاڪستان جي زمين استعمال ٿي هجي. هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته پهرين آگسٽ تي هيليڪاپٽر جو افسوسناڪ حادثو ٿيو، هيليڪاپٽر ٻوڏ متاثرن لاءِ رليف جي ڪاررواين ۾ رڌل هو ۽ ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي پاڻ رليف جي نگراني ڪري رهيو هو. هن چيو ته لسٻيلا ويجهو موسم جي خرابي سبب هيلي ڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿيو ۽ پهرين آگسٽ کانپوءِ اسان اذيت مان گذرياسين، ان بيان جو سبب اهو آهي ته هن سانحي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي غلط پروپيگنڊا ٿي، اها پروپيگنڊا ۽ اهڙي قسم جون اڳڪٿيون ڪرڻ تمام گهڻو حساس هو، اهڙي پروپيگنڊا سان اداري ۽ شهيدن جي پونئرن کي ڏک ۽ تڪليف ٿي. پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته سڄي قوم شهيدن سان گڏ آهي، قوم جا جيترا ٿورا مڃجن گهٽ آهن، سوشل ميڊيا تي ناڪاري پروپيگنڊا شروع ٿي وڃي ٿي، اهو نه ٿيڻ گهرجي، اهڙن عنصرن کي رد ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا تي اهڙي قسم جون ڳالهيون ناڪاري تاثر جي زمري ۾ اچن ٿيون، اهو رويو قطعي طور تي قبولڻ جوڳو ناهي، ان جي هر فورم تي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اڳڪٿيون ۽ اهڙي قسم جي شين کان پاسو ڪرڻ گهرجي جنهن جي جيڪا دل چوي ٿي اهو سوشل ميڊيا تي لکي ڇڏي ٿو، اجايا بيان ڏنا وڃن ٿا جنهن جا ڪي ثبوت ناهن هوندا ۽ ان جو نقصان رڳو ملڪ ۽ قوم کي ٿيندو آهي. افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ عالمي دهشتگرد تنظيم القاعده جي سربراهه جي مارجڻ جي حوالي سان مينجر جنرل بابر افتخار چيو ته ايمن الظواهري واقعي تي پرڏيهي وزارت تمام واضح بيان جاري ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ ڪو بيان ٺهي ئي نٿو، سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته پاڪستان جي سرزمين استعمال ٿي هجي. صحافي سوال ڪيو ته سوشل ميڊيا تي اها به مهم هلي رهي آهي ته شهيدن جون فيمليز نه پيون چاهين ته صدر عارف علوي شهيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪري، ان بابت اوهان ڇا چوندا؟ جنهن تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آئون ان تي نه ڳالهايان ته بهتر آهي.