هيليڪاپٽرتان لڙڪي خطرناڪ پل اپ، وڊيو وائرل

0
212

ڪراچي(دلچسپ نيوز) عام ماڻهوءَ لاءِ پل اپ ڪرڻ يعني راڊ سان لڙڪي ورزش ڪرڻ ڏکيو ڪم ٿي سگهي ٿو، پر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ان وڊيو ۾ نظر ايندڙ شخص لاءِ اهو ڪم راند جيان آهي

آرمينيائي سان تعلق رکندڙ هڪ فٽنيس ٽرينر جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هن کي پل اپ ڪندي نظر اچي رهيو آهي پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هو هوا ۾ اڏامندڙ هيلي ڪاپٽر تي ڪري رهيو آهي. رومن شرديان نالي هڪ شخص هيلي ڪاپٽر تي لڙڪيل آهي ۽ ان تي مشق ڪري رهيو آهي. هن اسٽنٽ ذريعي ٽرينر هڪ منٽ ۾ 23 پل اپ ڪرڻ جو گنيس ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. رومن ان کان اڳ ۾ به فٽنس جي حوالي سان ڪيترائي عالمي رڪارڊ قائم ڪري چڪو آهي.