حيدرآباد:  اديبن، شاعرن، محققن ۽ ڏات ڌڻين چيو آهي ته سنڌ جو درد اڄ به اهو ئي ساڳيو آهي جنهن کي حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي پنهنجي دور ۾ محسوس ڪري بيان ڪيو. درد ئي زندگي جي جيئڻ جو ڏانءُ سيکاري ٿو. هيلوڪين برساتن کي جيتوڻيڪ آفت قرار ڏنو پيو وڃي پر ڀٽائي برسات کي ديوتا طور پيش ڪري ان کي زندگي قرار ڏنو. ڀٽائي جي شاعري ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن جي شاعري آهي جنهن تي اڃا به گهري تحقيق ۽ اپٽار جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هنن ثقافت کاتي سنڌ پاران لاکيڻي لطيف جي 279هين عرس جي آخري ڏينهن تي ڪوٺايل ادبي ڪانفرنس ۽ ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.  ادبي ڪانفرنس ۾ ”لطيف درد کان اميد تائين جو شاعر“ جي ويهڪ ۾ ڳالهائيندي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته اها ڳالهه سوچڻ جي آهي ته ڇا لطيف جي دور جو درد ۽ اڄ جي دور جو درد ساڳيو آهي؟ هن چيو ته لطيف جي شاعري ۾ اڄ جي حالتن واري درد جو ذڪر سُر سارنگ ۾ موجود آهي. هن برسات کي ديوتا ڪري پيش ڪيو ۽ برسات کي زندگي قرار ڏنو آهي. لطيف درد جي ورچڙهيل ماڻهن کي خوددار بڻائڻ لاءِ خوب همٿايو. اديب پروفيسر نور احمد جنجهي چيو ته درد ڪائناتي آهي ۽ ڪائنات جي سڄي تخليق درد مان ٿي آهي. جيڪڏهن خوشي حاصل ڪرڻي آهي ته پوءِ ماڻهو کي درد لاءِ به تيار رهڻ گهرجي. هن چيو ته عام طور شاعري ۽ ڪهاڻي ۾ درد جي ڳالهه ٿيندي آهي پر لطيف درد کي هڪ خيال مان کڻي جيئري جاڳيندي تصوير طور پيش ڪري ٿو.  اديب شوڪت اڄڻ چيو ته دردن جون ٻه الڳ الڳ ڪيفيتون آهن. هڪ اڪيلائي جو درد ۽ ٻيو اجتماعي درد. ڀٽائي وصال ڏيندڙ درد جي ڳالهه ڪئي آهي. ڀٽائي نااميدي کي رد ڪندي اميد ڏياريندڙ بڻجي ٿو ۽ درد کانپوءِ اميد جو رستو به ڏيکاري ٿو. لطيف محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو چئي اهڙو سماج جوڙڻ جي ڳالهه ڪري ٿو جتي ظلم، ڪرپشن ۽ ناانصافي نه هجي. ثقافت کاتي جي سيڪريٽري نسيم غني سهتو ۽ ڊي جي عبدالعليم لاشاري چيو ته موجوده برساتي ٻوڏ واري صورتحال جي ڪري ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي حيدرآباد ۾ مختصر پروگرام ڪيو ويو. ڪانفرنس جو ماڊريٽر شير مهراڻي هو.. ڪانفرنس ۽ ايوارڊ تقريب سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿي. سياحت ۽ ثقافت کاتي جي وزير سردار علي شاهه کي به شرڪت ڪرڻي هئي پر هن شرڪت نه ڪئي.