شنگهائي (دلچسپ نيوز)سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ واري هڪ خبر مان معلوم ٿيو آهي ته هڪ 10 سالا ٻار شنگهائي ريلوي اسٽيشن تي خيرات گهري رهيو هو پر اهو پيشه ور پينو فقير نه هو.پر هوم ورڪ نه ڪرڻ تي سندس والد کيس سزا ۾ فقير بڻائي ڇڏيو آهي.تفصيل موجب شنگهائيءَ ۾ هڪ پيءُ جي پنهجي پٽ کي سزا ڏيڻ جو هڪ انوکو وڊيو وائرل ٿيو آهي، جنهن کي اڪثر ماڻهن تنقيد جو تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ شنگهائي پوليس کي خبر پئي ته ننڍي عمر جي هڪڙي ٻار اتان جي مقامي ريلوي اسٽيشن تي هٿ ۾ ڪشتو کڻي ڪلاڪن جا ڪلاڪ اسٽيشن تي ويٺو رهيو.ايندڙ ويندڙ کان خيرات وٺندو رهيو. اطلاع ملڻ تي ئي پوليس ان ٻار کي حراست ۾ ورتو ۽ ٿاڻي تي آندو.ٻار کان جڏهن پوليس پنڻ جو سبب پڇيو ته هن کين اهو ٻڌايو ته کيس اسڪول جو مليل هوم ورڪ پورو نه ڪرڻ تي سندس والد مٿس ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ ڪاوڙ مان هن پاران کيس سزا ۾ انوکي سزا ڏني ته مان ريلوي اسٽيشن تي هر ايندڙ ويندڙ کان هٿ ۾ ڪشتو کڻي خيرات وٺان .