ڪمبوڊيا(انٽرسٽنگ نيوز) هڪ شخص جنهن کي ڪڏهن هوائي سفر جو موقعو نه مليو، ان پنهنجي زندگي جي سموري گڏ ڪيل ڪمائي خرچ ڪري اهڙو گهر ٺهرايو جيڪو ڏسڻ ۾ ڪنهن جهاز کان گهٽ نه آهي. ايشيائي ملڪ ڪمبوڊيا سان تعلق رکندڙ Chrach Peou اهو گهر سيئم ريئپ جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ تعمير ڪيو. اهو هڪ تعميرات ورڪر آهي ۽ ڪنڪريٽ جي ان جهاز جي تعمير لاءِ هن 20 هزار ڊالرز (پاڪستاني 56 لک رپين کان وڌيڪ) رقم خرچ ڪئي. جهاز جي شڪل جي ان عمارت ۾ ونگز، ٽيل فِن، لينڊن گيئر ۽ انجڻ کي به ڏسي سگهجي ٿو. 43 سالن جي Chrach Peou جو چوڻ آهي ته ان عمارت جي تعمير ۾ مونکي کي لڳ ڀڳ هڪ سال لڳو ۽ ان لاءِ مان 30 سالن کان پئسا جمع ڪري رهيو هيس. هن ٻڌايو ته اهو منهنجي ننڍپڻ جو خواب هو ته مان ان جي تعبير تي تمام گهڻو خوش آهيان. هن چيو ته هاڻي اسان هتي رهي سگهون ٿا هي منهنجي جهاز آهي ته مان گهڻو خوش آهيان.