حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ سڀاڻي ايڪتا عيد ملهائڻ لاءِ تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن. هر سال جيئان هن ڀيري به روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پاران اعلانيل ”سنڌ سان درد جو رشتو“ جي سري هيٺ ايڪتا عيد جي مک تقريب حيدرآباد ۾ سڀاڻي سنڌ ميوزيم سامهون منعقد ٿيندي جنهن ۾ ناليوارا فنڪار سُرن جي ورکا ڪندا. مک تقريب لاءِ سنڌ ميوزيم جي سامهون واري روڊ تي ڊگهو اسٽيج پڻ ٺاهيو ويندو. ٻئي پاسي ڪالهه گلوڪاره دعا ميمڻ ۽ ٽڪ ٽاڪرز گڏجي قاسم آباد مان جاڳرتا ريلي ڪڍي، جيڪا  قاسم آباد جي علمدار چوڪ کان نڪتي جنهن نسيم نگر، واڌو واهه روڊ، پونم چوڪ، شهباز پل، ٿڌي سڙڪ، گل سينٽر، ايس ايس پي چوڪ، حيدر چوڪ، گول بلڊنگ سميت ٻين علائقن جو گشت ڪيو ۽ بعد ۾ ريلي پريس ڪلب سامهون پهتي جتي قومي گيتن تي نوجوان ۽ نارين پاران جهمريون هنيون ويون. ريلي ۾ ويگو، ڪارن ۽ موٽرسائيڪلن تي سوار پٽڪا ۽ ٽوپيون پهريل نوجوان به وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. دعا ميمڻ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ريلي جو مقصد عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن 4 ڊسمبر تي هر ماڻهو ثقافتي لباس اوڍي ريلين ۽ ميڙاڪن ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪن. هن چيو ته سنڌ واسي شاهوڪار ثقافت جا وارث آهن. ٻئي پاسي قاسم آباد جي گل عرساڻي هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ اوسر فائونڊيشن ٽرسٽ جي چيئرمين امتياز علي عرساڻي، ڊائريڪٽر فنانس غزالا عرساڻي، سماجي اڳواڻ عبدالحڪيم کوسو، ڊاڪٽر عابد ساند، پروفيسر ممتاز کهڙو، پروفيسر ڊاڪٽر غلام رسول سومرو، پروفيسر ڊاڪٽر الله ڏنو ابڙو، پروفيسر روشن سولنگي، پروفيسر غلام محمد ميرجت، محترم عامر ٻگھيو، عبدالحڪيم سولنگي ۽ والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام جي شروعات ۾ اسڪول انتظاميا سنڌ ۾ ايندڙ ٻوڏ جي تباهڪارين، نقصانن ۽ ان جي حل بابت شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آگاھي ڏني جڏهن ته تقريب ۾ مانجھند ۽ رني ڪوٽ جي تاريخ ۽ ان جي ثقافتي پھلو تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر هاشم ميمڻ ليڪچر ڏنو. قومي گيتن ۽ نغمن تي شاگرد ۽ شاگردياڻين پاران مختلف ٽيبلوز ۽ اسٽيج ناٽڪ پڻ پيش ڪيا. هوڏانهن لطيف آباد يونٽ نمبر 8 ۾ قائم پبلڪ هاءِ اسڪول ۾ ايڪتا تقريب منعقد ٿي. تقريب ۾ اسڪولي ٻارڙا ثقافتي لباس پهري شريڪ ٿيا. تقريب ۾ اسڪول جي پرنسپل محمد اويس، وائيس پرنسپل رضوانه، سحرش سنبرين، عابده ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب دوران ٻارڙن خوبصورت ٽيبولوز پيش ڪري پاڻ ملهايو جڏهن ته شاگردياڻين سنڌي گيتن تي جهمريون هڻي رقص ڪيو. شاگردن، شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين چيو ته هن سال هو ايڪتا عيد ٻوڏ متاثرن سان گڏ پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان گڏجي ملهائيندا. هوڏانهن حيدر چوڪ، آٽو ڀان روڊ سميت ٻين علائقن ۾ نوجوانن پاران چوڪن ۽ چوراهن تي ثقافتي ويس وڳا پائي ميڙاڪن وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.