حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو+ مبين مگسي+ تصويرون عمران شاهه) هوائن جي شهر حيدرآباد ۾ هر پاسي ايڪتا جا رنگ نکري پيا، نوجوان، ناريون ۽ پتڪڙا ٻارڙا ثقافتي لباس اوڍي ريلين ۽ ميڙاڪن ۾ شريڪ، “روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز” پاران سنڌ ميوزيم آڏو منعقد مک تقريب ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت، ان ڏس ۾ روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سڏ تي “سنڌ سان درد جو رشتو” جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، صبح ٿيندي ئي شهر قاسم آباد، سٽي، لطيف آباد ۽ ٻهراڙي واري تعلقن مان نوجوان ناريون توڙي ٻارڙا ثقافتي لباس اوڍي گهرن کان ٻاهر نڪتا جن ريلين جي صورت ۾ تقريبن ۽ ميڙاڪن ۾ شرڪت ڪئي. روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پاران هر سال جيان هن ڀيري به ايڪتا جي مک تقريب سنڌ ميوزيم آڏو منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا. ميوزيڪل تقريب ۾ ناليواري گلوڪاره دعا ميمڻ، راڳي سرمد اياز ۽ معشوق کوکر جي قومي گيتن تي نوجوانن جهمريون هنيون. تقريب ۾ گلوڪاره صائمه سحر، ديبا ڪنول، مومل بهار، فهميده سحر، ڪئنال علي، مرڪ علي ۽ پارس سنڌو به سُرن جي ورکا ڪئي.جڏهن ته  راڳي دانش منظور، سڄڻ سرائي، خيال سحرائي، علي مراد جتوئي، آيان علي، مير مرتضيٰ سولنگي، حميد رستماڻي، محمد يوسف ۽ مرتضيٰ علي جا قومي گيت ٻڌي نوجوانن جو وڏو انگ بي قابو ٿي ويو جيڪي کين داد ڏيڻ لاءِ جهمندا رهيا. حيدرآباد ۾ سنڌ ميوزيم آڏو منعقد تقريب ۾ ناريون به ثقافتي لباس پهري شريڪ ٿيون، ان موقعي تي   تقريب ۾ شريڪ ٿيل نارين ۽ نوجوانن چيو ته ايڪتا ڏهاڙو سندن لاءِ هاڻي عيد جو ڏينهن ٿي ويو آهي، جيڪو هو هر سال جوش ۽ جذبي سان ملهائين ٿا. هنن چيو ته پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جس لهڻي جنهن هن ڀيري ايڪتا ڏهاڙو ٻوڏ متاثرن سان گڏجي ملهائڻ جو اعلان ڪيو.جڏهن ته منعقد مک تقريب عوامي تحريڪ جو قافلو نور احمد ڪاتيار ۽ سنڌ هاري ڪميٽي جو قافلو ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي جي اڳواڻي ۾ شريڪ ٿيو. تقريب صبح جو 11 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهي جنهن ۾ مزاحيه فنڪارن ۽ ٽڪ ٽاڪرز مير وسيم ٽالپر، منظور چانڊيو ۽ چاچا ببلو پنهنجن مزاحيه ٽوٽڪن سان تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.