اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) لاهور قلندرز جي رانديگر سيم بلنگز ڪپتان شاهين شاهه آفريدي جي قيادت ۾ هن ڀيري به قلندرز جي پي ايس ايل ٽرافي کڻڻ لاءِ اميد ظاهر ڪري ڇڏي آهي. ايچ بي ايل پاڪستان سپر ليگ جي ٽيم لاهور قلندرز جي رانديگر سيم بلنگز چيو آهي ته شاهين آفريدي جي قائد وارين صلاحيتن گهڻو متاثر ڪيو آهي، شاهين شاهه آفريدي کي بالر ۽ ڪپتان طور گهڻو ڪجهه ڏسڻو هوندو آهي پر شاهين آفريدي وڏي تحمل سان هر شيءِ کي هينڊل ڪندو آهي، اميد آهي هن سال شاهين آفريدي قلندرز کي هڪ ٻي ٽرافي کٽرائي ڏيندو. سيم بلنگز چيو ته لاهور قلندرز کي ٽرافي کٽرائڻ منهنجو عزم آهي، ٽيم جو کٽڻ اهم آهي، ان لاءِ جيڪو ٿي سگهيو ڪندس. انگلش ڪرڪيٽر چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو کيڏي انجواءِ ڪري رهيو آهيان، هن چيو ته هتي گرائونڊ سٺا آهن، وڪيٽون بيٽنگ لاءِ سوليون آهن، يو اي اي ۾ پي ايس ايل جي ڪنڊيشنز مختلف هئي.