هن سال حج فقط سعودي شهري ۽ اتي رهندڙ پرڏيهي ڪري سگهندا

0
396

رياض: سعودي عرب جي حج ۽ عمره واري وزارت هن سال حج فقط سعودي شهرين ۽ اتي رهندڙ پرڏيهين تائين محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سعودي پريس ايجنسي جي مطابق، وزارت ٻڌايو ته هن سال فقط 60 هزار حج پانڌيئڙن کي حج ادائگي جي اجازت ڏني ويندي، جنهن ۾ سعودي جا شهري ۽ هتي رهندڙ پرڏيهي شامل آهن. وزارت موجب اهڙو فيصلو پوري دنيا ۾ ڪورونا جي وبا واري صورتحال ۽ وائرس جي نئين شڪلن جي ظاهر ٿيڻ جي ڪري ڪيو ويو آهي.