ھنڱورجا (ن پ ا) ھنڱورجا شھر جي شيخ پاڙي ۾ رات دير سان 6 نامعلوم ھٿياربند واپاري روشن شيخ جي  گھر ۾ داخل ٿي گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي مردن ۽ عورتن کي تشدد جو نشانو بڻائي سندس گھر مان 15 تولا سونا زيور، 3 لک 50 ھزار رپيا روڪ،  ھڪ لائيسنس وارو پسٽل، موبائل فونون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا،  واقعي خلاف شھرين ۽ دڪاندارن پاران شھر اندر شٽربند ھڙتال ڪري ريلي ڪڍي ٿاڻي اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن رفيق شيخ، ڪاشف شيخ، ضمير ميمڻ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب شهر ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، غيرمحفوظ بڻيل آهيون، ٻي طرف پوليس واقعي واري هنڌ پهچي معائني بعد مظآهرين سان ڳالهيون ڪري خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرايو.