هنڱورجا (ن پ ا) هنڱورجا ڀرسان قومي شاهراھ تي اسلام ڪاٽن فيڪٽري سامهون تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 2 ڄڻا ٽرالر جي هيٺان اچي چيڀاٽجي ٿڏي تي فوت ٿي ويا. فوتين ۾ 60 سال جو محمد جمن چنو ويٺل ڳوٺ ڍنڍي جو هو ۽ جڏھن ته ٻي جي سڃاڻپ اڃا تائين ٿي نه سگهي حادثي جي اطلاع تي هنڱورجا پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته فوتي محمد جمن جو لاش هنڱورجا لڳ ڳوٺ ڍنڍي ۾ گھر پهتو ته قهرام مچي ويو .