سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) اقليتن سميت سنڌ جي مسئلن تي ڀرپور آواز اٿاريندڙ هندو ڪائونسل پاڪستان جو سرگرم اڳواڻ راجڪمار آمريڪا جي شهر هيوسٽن ۾ صحافي اسد چانڊئي جي فليٽ تي ديهانت ڪري ويو. سندس مڙهه اگني سنسڪار لاءِ وطن آندو پيو وڃي. ان حوالي سان صحافي اسد چانڊئي پنهنجي فيس بوڪ اڪائونٽ تي لکيو آهي ته راجڪمار وٽس منجهند ڌاري آيو هو. رات جو ايمرجنسي ۾ ڊيوٽي بعد ٽين وڳي واپس پهتس ته راجڪمار ستل هو ۽ هو به سمهي پيو. ٻئي ڏينهن منجهند جو 12 وڳي اٿيو ته به راجڪمار ستل هو. هن کيس اٿارڻ چاهيو پر هو نه اٿيو ته نائين اليون تي ميڊيڪل ايمرجنسي لاءِ ڪال ڪئي. ميڊيڪل ٽيم چڪاس بعد ٻڌايو ته هو فوت ٿي ويو آهي. ان بعد سندس پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جنهن جي رپورٽ اچڻي آهي. راجڪمار رينڪل ڪماري واري معاملي تي متحرڪ ٿيڻ سبب مشهوري ماڻي. راجڪمار رينڪل ڪماري جو مامو هو، هندن جي مسئلن سميت سنڌ جي ٻين معاملن تي به مختلف سماجي تنظيمن سان گڏجي متحرڪ ڪردار ادا ڪندو رهيو. راجڪمار جو جنم ميرپور ماٿيلي ۾ ٿيو. هن انٽر تائين ميرپور ۾ ئي تعليم حاصل ڪئي. ان بعد هن زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان زرعي انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. ابتدائي طور ٻڌايو پيو وڃي ته سندس موت سمهڻ دوران دل جي بيھڻ سبب ٿيو.