احمدآباد(م ڊ) سنڌي جو ناليوارو شاعر، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس ۽ تنقيد نگار واسديو موهي ڪالهه ڀارت ۾  لاڏاڻو ڪري ويو. 2 مارچ 1944ع تي ميرپورخاص ۾ جنم وٺندڙ واسديو جا والدين 1947ع ۾ لڏي جوڌپور ۾ وڃي رهيا جتان هو احمد آباد ويا. هو ليڪچرر طور رٽائر ٿيو ۽ ساهتيه اڪيڊمي جو سربراهه به رهيو.