پوني (انٽرسٽنگ نيوز) ورزش جي شوقين هندستاني عورت ساڙهيءَ ۾ ورزش ڪري ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. ڀارتي شهر پوني سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر شروري انعام دار فٽنس جي وڏي شوقين سان گڏ گڏ غذا جي ماهر پڻ آهي. ان جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ان جي ماهراڻين صلاحيتن چڱن ڀلن جا چوڏهن ئي طبق روشن ڪري ڇڏيا آهن. وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته شروري کي ساڙهي پاتل آهي ۽ گڏ ئي هوءَ ويٽ لفٽنگ، پش اپ ۽ ڊمپل سان گڏ گڏ هاءِ سيپ ڪرزل جهڙي ورزش ڪري رهي آهي. ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر شروري جو چوڻ هو ته آرام ڏيندڙ نه هجڻ جي ڪري عورتون ساڙهي روزانو جي بنياد تي نٿيون پائن پر هندو رسم ۽ رواج موجب تهوارن تي اها پائڻ لازمي هوندي آهي. عورت موجب هن اهو ان ڪري ڪيو ته جيئن عورتن کي احساس ٿئي ته ساڙهي انهن جي روزانو جي زندگي جي معاملن ۾ هرگز رنڊڪ ناهي. اهي ان کي پائي به ڪم انجام ڏئي سگھن ٿيون.