خيرپور (رپورٽر) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرس پاران شاگردن جي هفتي جي پڄاڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. پڄاڻي واري تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽي چيو ته هم نصابي سرگرميون شاگردن کي سکڻ ۽ سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اتساهين ٿيون ۽ خود اعتمادي پيدا ڪن ٿيون. ايس ايس پي خيرپور روحل خان کوسي چيو ته شاگرد موجوده دور جي تبديليءَ جو اهڃاڻ آهن. هن جو چوڻ هو ته سنڌ علمي سرمائي جي لحاظ کان زرخيز سرزمين آهي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي مقابلن جي فاتح شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون ورهايون ويون. پڄاڻيءَ واري تقريب ۾ استادن، آفيسرن، ملازمن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.