گمبٽ (ن پ ا) هميرجي شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن انصارعلي ڄامڙو، وسيم کوکر، محمد زمان کهڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ گمبٽ- اڳڙا لنڪ روڊ تي ڌرڻو هڻي سخت احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي متاثر آبادگار ”پاڻي ناهي ڇو ڀلا، ڪربلا ڪربلا“ جا نعرا هڻي رهيا هئا. مظاهرين جو چوڻ هو ته هميرجي شاخ ۾ زرعي پاڻيءَ جي کوٽ سبب آبادگارن جو لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي. شاخ پڪي ٿيڻ کان پوءِ به پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي، جنهن ڪري آبادگارن جا فصل سڪي ۽ سڙي رهيا آهن. لکين رپين جو مهانگو ڊيزل ٻاري فصلن کي پاڻي ڏيڻ تي مجبور آهيون. آبپاشي عملدارن منڍ وارن بااثر آبادگارن کي رشوت عيوض پاڻي چوريءَ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ڪري پڇڙيءَ ۾ سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل سڪي سڙي رهيا آهن. آبادگارن آبپاشي وزير ۽ ڊي سي خيرپور کان طالبو ڪيو ته هميرجي شاخ جي پوڇڙ ۾ پاڻي پهچائي ننڍن آبادگارن جو مسئلو حل ڪيو وڃي.