همراهه زال کي ڏاڙهڻ تي ڪتي کي ماري ڇڏيو

0
447

نئين دهلي (دلچسپ نيوز) همراهه زال کي ڏاڙهڻ تي ڪتي کي ماري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي شهر اندور ۾ واقعو پيش آيو، شهري نريندرا وشاويا پاڙي واسي جي ڪتي کي گولي هنئي، ڪتو گولي لڳڻ سبب ٿڏي تي ئي مري ويو، جڏهن ته سندس مالڪ پاران ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته نريندرا وشاويا شهر جي علائقي سوداما نگر جو رهواسي آهي ۽ هن پنهنجي لائسنس واري بندوق سان فائر ڪيو. پوليس موجب جوابدارکي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته بندوق پڻ هٿ ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف نريندرا وشاويا جو چوڻ آهي ته پاڙي واسي جي ڪتي منهنجي زال کي ڏاڙهي زخمي ڪيو، جنهن سبب مون ڪاوڙ ۾ اچي فائرڪيو.