گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ويجهو ڳوٺ اسماعيل مهيسر ۾ اکين جي نور کان محروم نابين حافظ عبدالستار کوسو موٽرسائيڪل هلائي ٿو، پنهنجي اخبار سان ڳالهه ٻولهه ڪندي حافظ عبداالستار کوسي ٻڌايو ته ننڍپڻ کان نابين آھيان ۽ ننڍپڻ کان وٺي موٽر سائيڪل هلايان ٿو، هن چيو ته مون کي موٽر سائيڪل هلائيندي 30 سال ٿي ويا آھن، هن ٻڌايو ته 2010ع واري ٻوڏ دوران موٽرسائيڪل تي ڪراچي ويو هيس ۽ ڪراچي پهچڻ ۾ 8 ڪلاڪ لڳا هيا، هن ٻڌايو ته ڪراچي جي ڊپٽي ڪمشنر مون کي موٽر سائيڪل هلائيندي ڏٺو ته ان 5 هزار انعام طور طور ڏنا. هن وڌيڪ چيو ته مان موٽرسائڪل تي ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، ٺٽو، بدين ۽ ٿر تائين ويو آهيان، سفر مان پڻ خوب لطف ماڻيندو آهيان، هن چيو ته هن چيو ته مان موبائيل فون به هلائيندو آهيان، هن ٻڌايو ته 3 سئو کان وڌيڪ دوستن جا موبائيل فون نمبر ياد آھن، دوستن جي آواز ذريعي سڃاڻپ ڪندو آهيان، هن وڌيڪ ٻڌايو ته مان سنڌ ايجوڪيشن فائو نڊيشن ۾ آپريٽر پڻ آهيان ۽ 2 اسڪول هلائيندو آهيان، انهن ٻنهي اسڪولن ۾ 8 استاد مقرر ٿيل آهن، جتي ڪيترائي شاگرد تعليم پرائن ٿا. هن سنڌ حڪومت ۽ ٻين سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته موٽرسائيڪل نئين وٺي ڏني وڃي. ان موقعي تي حافظ عبدالستار کوسي جي 7 سالن جي ڏوهٽي ٻڌايو ته آءُ موٽر سائيڪل جي ٽانڪي تي آڏو ويهندو آهيان، هن چيو ته نانا کي رڳو اهو ٻڌائيندو آهيان ته جيڪڏهن بريڪر آهي ته پوئتي پٺي هڻندو آهيان ته نانو بريڪ لڳائندو آهي ۽ جيڪڏھن لاڙو ايندو آهي ته ان پاسي ٺونٺ هڻندو آهيان ته نانو گاڏي موڙيندو آھي، جيڪڏهن سڄي پاسي گاڏي ايندي آهي ته سڄي واري هٿ کي زور ڏيندو آهيان ته کٻي پاسي نانو گاڏي موڙي ڇڏيوندو آھي، هن چيو ته نانو گاڏي اشارن تي هلائيندو آهي.