همايون شريف (ن پ ا) همايون شريف ڀرسان ٻن ڳوٺن ۾ پاڻي جي تلاءَ ۾ وهنجندي ڀاءُ ڀيڻ سميت 4 معصوم گلن جهڙا ٻارڙا ٻڏي فوت سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو. ڳوٺ محمد عظيم چانڊيو ۾ گهر ٻاهران پاڻي جي تلاءَ ۾ راند ڪندي 5ورهين جو عبدالوهاب  ۽ سندن ڀيڻ7ورهين جي ڪزبانو ڌيءُ عبدالحميد چانڊيو تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا. ڳوٺ محمد عمر کوسو ۾ پاڻي جي تلاءَ ۾ وهنجندي 2 نينگريون ڪنول ڌيءَ محمد عيوض کوسو ۽ 8 ورهين جي زرينا ڌيءَ امداد کوسو ٻڏي فوت ٿي ويون.تلاءَ ۾ ٻڏي ويل ٻارن کي بيهوشي واري حالت ۾ همايون شريف جي خانگي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽر 4 معصوم ٻار فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.هوڏانهن معصوم ٻارڙن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، والدين کي بيهوشيءَ جا دورا پوڻ لڳا، سوڳ واري صورتحال ڇائنجي وئي.