همايون شريف ۾ پنجاب واسي پيرسن پراسرار نموني فوت

0
338

همايون شريف (ن پ ا) همايون شريف ٿاڻي جي حد ۾ ويلڊنگ جوڪم ڪندڙ پنجاب واسي پيرسن پراسرار نموني فوت ٿي ويو، فيصل آباد جو رھواسي پيرسن 65 سالن جو محمد صديق آرائين پنهنجي ئي ويلڊنگ جي دڪان تي ڪم ڪندي پراسرار نموني فوت ٿي ويو، جنهن جو اطلاع حد جي ٿاڻي کي به ڏنو ويو آهي ۽ پيرسن جي فوت ٿيڻ جو اطلاع سندس وارثن کي به ڏنو ويو آهي.