همايون شريف (ن پ ا) ھمايون شريف ۾ارڙي وگهي معصوم نينگري فوت. خبر موجب همايون شريف، چوڏيوسڌايو، وڏا ڏيئا، جاڳڻ، لوڊرا ۽ ميان صاحب سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦهليل ارڙي تي ضابطو اچي نه سگهيو، ان ڏس ۾ ڄاڻايل علائقن ۾ ڪيترائي ٻار ارڙي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جن کي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڪالهه همايون شريف ۾ ارڙي وگهي ٻارڙي خوش نور ڌيءَ ضمير شيخ فوت ٿي وئي، علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته بيماري تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪليون وڃن.