همايون شريف (ن پ ا) همايون شريف ڀرسان جهان واهه ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم چورن پاران ڳوٺ آغا اختر جان پٺاڻ ۾ چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي فائرنگ ۾ گهر ڌڻي پيرسن معتبرچانڊيو  سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،  ٻي طرف ڀاڳين پاران هڪ جوابدار نادر علي پٽ محمد بخش ڀيو کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو،  ان حوالي سان ايس ايچ او جهان واهه طارق لاکير ٻڌايو ته ڀاڳين پاران پڪڙيل چور اسان حوالي ڪيو ويو آهي، جاچ ڪريون پيا.