همايون شريف ڀرسان مدرسي ويندي 2 طالب پراسرار نموني لاپتا

0
243

همايون شريف (ن پ ا) همايون شريف ٿاڻي جي حد ڳوٺ جاڳڻ واهه مان مدرسي ويندي رستي مان 2 طالب پراسرار نموني لاپتا، وارثن پاران اغوا جو شڪ، اين سي داخل، ڳوٺ جاڳڻ واهه مان مدرسي ويندي رستي مان 2 طالب 9 ورهين جو نينگر فرحان پٽ رضا محمد ڀيو ۽ ٻيو 12 ورهين جو نينگر عبدالله پٽ محمد پناهه رڪشاڻي پراسرار نموني لاپتا، ھفتو گذرڻ باوجود نينگر هٿ نه اچي سگهيا وارث سخت پريشان، تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان پراسرار نموني لاپتا ٿيل نينگرن جي ڳولها ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.