همايون شريف (ن پ ا) همايون شريف ڀرسان ڳوٺ مير محمد پنهور ۾بجلي جي تارن مان چڻنگ لڳڻ سبب 50 جريب جو پلال سڙي خاڪ ٿي ويو، فائربرگيڊ نه پڄڻ سبب هارين کي هزارين رپين جو نقصان ٿيو آهي، متاثر هارين جو چوڻ هو ته واپڊا وارن جي نااهلي ۽ تڪ جي چونڊيل نمائيندن پاران واعدا وفا نه ڪرڻ سبب اهڙا حادثا پيش اچي رهيا آهن.