همايون شريف: موٽرسائيڪل ديوار سان ٽڪرائجي وئي، ماءُ پٽ سميت 3 ڄڻا فوت

0
253

ھمايون شريف : سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد شڪارپور – جيڪب آباد قومي شاهراهه روڊ تي دوست واهه وٽ تيز رفتار موٽر سائيڪل هاءِ اسڪول جي ديوار سان ٽڪرائجڻ سبب همايون شريف ڀرسان ويٺل ڳوٺ عطر چانڊيو جا رهواسي ماء پٽ سميت 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿيا ويا. فوت ٿي ويلن ۾ ماء سميت طارق پٽ بلاول چانڊيو ۽ نوجوان شفيع محمد چانڊيو شامل آهن. ٽنهي فوتين جو تعلق ھمايون شريف جي ڳوٺ عطر چانڊيو سان ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته اھڙي واقعي جو ٻڌي نوجوانن جي گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو آهي.