هل ڙي سنڌ تنهنجا نصيب…!!!

0
166

سوشل ميڊيا تي هي تصوير وائرل ٿي وئي آهي جنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت مٿان شديد تنقيد ڪئي پئي وڃي، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو آهي ته هي تصوير جوهي جي ايم پي اي صالح شاهه جي علائقي جي آهي، جتي ٻوڏ متاثرن جو ان طرح سان علاج ٿي رهيو آهي. حڪومت مٿان طنز ڪندي تصوير تي اهو به لکيو ويو ته آمريڪا ۽ جاپان سميت دنيا جي مختلف ملڪن جا ماڻهو  سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ علاج ڪرائيندي نظر اچن ٿا. ڪجهه ماڻهن چيو ته اها سرڪاري اسپتال جي حالت آهي ڪجهه ماڻهن وري اهو چيو ته اها نجي اسپتال لڳي رهي آهي جنهن ٻاهران مريض ويٺل آهن ۽ انهن کي ٿيلهيون چاڙهيون ويون آهن، اهي مريض توڙي سنڀاليندڙ ڀت کي ٽيڪ ڏئي پٽ تي ويٺل آهن.