هلندڙ سال جو آخري مڪمل سج گرهڻ سڀاڻي ٿيندو

0
534
هلندڙ سال جو آخري

ڪراچي (م.ڊ) هلندڙ سال جو آخري مڪمل سج گرهڻ سڀاڻي ٿيندو. موسميات کاتي موجب سج گرهڻ ڏکڻ آفريڪا، ڏکڻ آسٽريليا، ڏکڻ آمريڪا، ائٽلانٽڪ سمنڊ، پئسفڪ سمنڊ، انٽارڪٽيڪا ۽ هندي وڏي سمنڊ ۾ نظر ايندو، جڏهن ته پاڪستان ۾ سج گرهڻ نظر نه ايندو.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سج گرهڻ پاڪستاني وقت موجب صبح 10 لڳي 29 منٽن تي شروع ٿيندو ۽ سج کي مڪمل گرهڻ منجهند 12 وڳي لڳندو.موسميات کاتي موجب سج گرهڻ 2 لڳي 37 منٽن تي ختم ٿيندو.