خيرپور/ راڻيپور (نمائندن وٽان) ھفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جي ٻه سو عرس مبارڪ ڪورونا وائرس سبب ملتوي ڪجي ٿو، درگاھ سچل سرمست جي سجاده نشين پير خواجه عبدالحق فاروقي ڪئنيڊا مان بيان جاري ڪندي چيو آھي ته ملڪ ۾ ھن وقت ڪورونا جي خطرناڪ لھر جاري آھي، جنھن سبب درگاھ سچل سرمست جو 13رمضان کان شروع ٿيندڙ غير سرڪاري تقريبون ملتوي ڪجن ٿيون، هن وڌيڪ چيو ته درگاھ قلندر شھباز جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ واقعو افسوس جوڳو ھو، سنڌ صوفين جي ڌرتي آھي اهڙا واقعا افسوس ناڪ آھن. هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي پيش نظر سچل سرمست جو عرس مبارڪ نه ٿا ملهائي سگهون.گڏجاڻي جي صدارت ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اوقاف کاتي حڪومت سنڌ پاران ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب سنڌ جي درگاهن کي بند ڪيو ويو آهي انڪري هن ڀيري سچل سرمست جو عرس مبارڪ به ملتوي ڪيو ويو آهي.