هفتي کان گم ڄاڻايل نوجوان جي اغوا جي تصديق

0
219
نوجوان جي اغوا جي تصديق
هفتي کان گم ڄاڻايل نوجوان جي اغوا جي تصديق

ٺري ميرواهه: ٺري ميرواهه مان هڪ هفتي کان گُم ڄاڻايل عمران علي چنو جي اغوا ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي

وارثن جو چوڻ آهي ته ڪار سوار هٿياربند ڳوٺاڻي کي اغوا ڪري ويا هئا، ڌاڙيلن پنجاب جي علائقي جهنگ ۾ کيس مغوي بڻائي رکيو آهي

نوجوان فون تي دانهن ڏني ته ڌاڙيل کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه نٿا ڏين، روز مٿس تشدد ڪيو ويندو آهي

، مغوي جي وارثن طرفان اعليٰ اختياري کي جلد بازيابي جي اپيل ڪئي وئي آهي