ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ڊيفنس جي گهر ۾ هندو برادري جي مذهبي سرگرمين خلاف درخواست تي ڊي ايڇ اي سميت ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪالهه رٽائرڊ ڪرنل مختار بٽ پاران داخل ڪيل ترميمي پٽيشن جي ٻڌڻي دوران سندس وڪيل چيو ته هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا مذهبي سرگرمين سان ٽريفڪ جا مسئلا ٿين ٿا، جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ مذهبي سرگرميون ڪرڻ جي اجازت آهي ته پوءِ ٻين مذهبن جي ماڻهن کي به اها اجازت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مندر کي اتان هٽائينداسين ته هندستان سميت سموري دنيا ڇا چوندي؟ جيڪڏهن ڪير پنهنجي گهر ۾ عبادت ڪري رهيو آهي ته انهي سان اوهان کي ڪهڙي تڪليف ٿي رهي آهي؟ عدالت درخواستگذار جي وڪيل کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان اسان لاءِ دنيا ۾ بدنامي جو سبب نه بڻجو، پاڪستان ۾ هر ڪنهن کي پنهنجون مذهبي رسمون ادا ڪرڻ جي آزادي آهي، اسان ڪنهن کي گهر ۾ عبادت ڪرڻ کان ڪيئن روڪي سگهون ٿا؟