ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران تعليمي ادارن ۾ ووٽر آگاهي مهم جي سلسلي ۾ ضلعي اليڪشن ڪمشنر ٽنڊو محمد خان پاران بوائز ۽ گرلز ڊگري ڪاليج ۾ ووٽر آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو،  گورنمنٽ بوائز ۽ گرلز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان ۾ منقعد ڪيل سيمينار ۾ شاگردن، استادن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ، سيمينار کي خطاب ڪندي ضلعي اليڪشن ڪمشنر احمد نديم شيخ ۽ اليڪشن آفيسر ڪنور شجاعت علي خطاب ڪندي چيو ته ووٽ هر پاڪستاني جو بنيادي حق آهي هر شخص کي پنهنجي ووٽ جو حق لازمي استعمال ڪرڻ گهرجي پر ان کان به اهم ڳالهه اها آهي ته پنهنجي ووٽ جي خبر رکڻ گهرجي ته ووٽ داخل آهي يا نه، جيڪڏهن ووٽ داخل آهي ته اهو درست جڳهه تي داخل آهي يا نه، هنن جو وڌيڪ چيو ته شاگرد اسان جي مستقبل جو معمار آهن اسان جي اڄ جي ڪيل محنت جو اجر سڀاڻي هنن کي ئي ملڻو آهي. شاگردن کي گهرجي ته ووٽ جي اهميت کان پنهنجي گهر وارن ، پاڙيسرين ۽ علائقي واسين کي آگاهه ڪن ته جيئن هر شخص پنهنجي ووٽ جو بنيادي حق استعمال ڪري سگهي ۽ پنهنجي من پسند نمائندو چونڊي اسيمبلين تائين پهچائي ، انهيءُ ۾ اسان جي ڪاميابي آهي. هنن هر ماڻهو تي تي زور ڀريندي چيو ته هر خاص ۽ عام شخص تائين اها جاڳرتا پيدا ڪئي وڃي ته هو پنهنجي ووٽ جو حق صحيح نموني ادا ڪري سگهن.