هر بحران جا ذميوار ڪارروائي کان آجا ڇو ؟

0
202
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

هڪڙي بحران مان جند نه ٿي ڇٽي ته وري ڪو ٻيو بحران ڪر کڻي بيهي ٿو رهي،رڳو جاچ جا اعلان ٿين ٿا ڪميشن ٺهن ٿين ٿيون، سفارشون ٿين ٿيون پر انهن تي عمل نه ٿيڻ ڪري ڪنهن کي ڪا پرواهه ناهي ته ڇا ٿيندو، ڇا ٿي رهيو آهي؟ نه ذخيره اندوزن کي ڪجهه ٿيندو آهي نه کوٽ کي منهن ڏيڻ جي ڪا منصوبابندي هوندي آهي نه ئي وري وڌيڪ اگهه وٺندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو آهي، جنهن ڪري سڀني کي هر شيءَ ڦٻي ويندي آهي ۽ اهو سڄو بار ڀوڳيندو عوام آهي.

ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن لڳندو آهي اهي بحرانن جا ذميوار حڪومت کان به ڏاڍا آهن ۽ حڪومت بيوس ٿي خاموشي سان اهو سڀڪجهه ڏسندي رهندي آهي. هاڻي به هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول پمپ مالڪن پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ اهو هٿيار کيڏيو آهي جو عوام وتي ٿو رستن تي رلندو ۽ ٻيا ڪم ڪار ڇڏي ڏينهن توڙي رات پيٽرول ڳولڻ ۾ پوروآهي. هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات گذري وئي عوام رستن تي آهي ۽ حڪومت نالي ڪا شيءَ نظر نه ٿي اچي جيڪا ان مسئلي جو ڪو حل ڪڍي.

پيٽرول جو مسئلو ڪجهه مهينن کان اهڙو اچي عوام کي لڳو آهي جو ڪڏهن ان جي قيمت ٿي وڌي وڃي ته ڪڏهن وري اهو ملڻ مشڪل ٿي ٿو وڃي. موجوده حڪومت جي شروع وارن ڏينهن ۾ جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جون قيمتون ڪري پيون ته حڪومت ان جو اگهه گهٽائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ اوچتو ئي اوچتو پيٽرول ايئن گم ٿي ويو  ڄڻ اهو مارڪيٽ ۾ موجود ئي نه هو، ان وقت ئي حڪومت ان پيٽرول مافيا آڏومجبور ٿي اگهه وڌائڻ جو اعلان ڪيو جنهن کانپوءِ اهو پيٽرول، ماڻهو وڌايل اگهن تي وٺڻ تي مجبور ٿيا ۽ عوام کي عالمي مارڪيٽ ۾ ٿيل گهٽتائي جو ڪو فائدو نه ٿيو.

هاڻي وري جڏهن پيٽرول جا اگهه وڌي رهيا آهن ته عوام مهانگي اگهه تي اهو پيٽرول خريد ڪرڻ تي مجبور آهي پهرين حڪومت اعلان ڪيو ته اها پيٽروليم ليوي گهٽائي عوام تي وڌيڪ بار نه وجهندي پر اهو سلسلو گهڻو نه هليو ۽ ڪجهه ڏينهن پهرين ناڻي واري صلاحڪار اعلان ڪيو ته پيٽروليم ليوي 30 رپين تائين آندي ويندي جڏهن ته ان تي اڃان عمل ئي نه ٿيو آهي ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اها ليوي وڌائڻ کانپوءِ پيٽرول جا اگهه وڌي ويندا پر هاڻي وري پيٽرول پمپ مالڪ پنهنجو مطالبو کڻي هڙتال تي هليا وياآهن ته کين اڍائي رپيا ملندڙ ڪميشن وڌائي 6 رپيا ڪئي وڃي، جنهن کان پوءِ ڪالهه کان وٺي سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند پيا آهن ۽ عوام رستن تي پيٽرول ڳولڻ لاءِ پنهنجا سمورا ڪم ڪار ڇڏي ڏنا آهن.

پيٽرول کانسواءِ زندگي جو گاڏو ڪيترو هلڻ مشڪل آهي انهي جو اندازو هنن ٻن ڏينهن ۾  ٿي ويو آهي پر حڪومت ايترو وقت گذرڻ باوجود به متحرڪ  نظر نه ٿي اچي ته آخر اها هن نئين آيل بحران کي ڪيئن منهن ڏيندي؟ ڇا اها پيٽرول پمپ مالڪن جا مطالبا مڃي هڙتال ختم ڪرائيندي يا قانون جي طاقت کي استعمال ڪري انهي هڙتال کي ختم ڪرايو ويندو.بهرحال اهو هن حڪومت لاءِ اهڙو چئلينج آهي. ڇاڪاڻ ته هي مسئلو هر ماڻهو سان ڳنڍيل آهي ماڻهو مهانگو اگهه ته برداشت ڪري ويا پر پيٽرول کانسواءِ انهن جي زندگي جو گاڏو هلڻ محال آهي.

اسان سمجهون ٿا ته پيٽرول پمپ مالڪن جو مطالبو به عوام تي اضافي بار بڻجڻ جو سبب ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جڏهن سرڪار پيٽرول تي پمپ مالڪن جي ڪميشن وارو مطالبو مڃي به وٺي ته اوترو ئي پيٽرول جي قيمت وڌائي عوام جي کيسي مان منافعو ڪمايو ويندو. تنهن ڪري حڪومت هر بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عوام کي قرباني جو ٻڪرو نه بڻائي ۽ هن بحران کي عقلمندي سان حل ڪري اڳتي انهي مافيا کي منهن ڏئي جيڪي بحران پيدا ڪري عوام جو رت چوسيندا رهندا آهن. جيڪڏهن ڪڻڪ ۽ کنڊ بحران پيدا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿئي ها ته هي پيٽرول جو بحران ڪر نه کڻي ها.