ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) ڪراچي ڏکڻ ضلعي ۾ اضافي پارڪنگ في جي وصول ڇو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ پيش نه ٿيو، چيف جسٽس ڊائريڪٽر پارڪنگ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڇنڊ پٽي، هن ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان غير قانوني في اوڳاڙڻ نه ڏينداسين، عدالت پارڪنگ جو نئون ٺيڪو جاري ڪري ٽن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدلت ڊي ايم سي ڏکڻ جي جواب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جواب کي رد ڪري ڇڏيو، عدالت ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو پر ڪمشنر پيش نه ٿي سگهيو، عدالت ڊائريڪٽر پارڪنگ ۽ ٻين آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 13 مئي تي غير قانوني پارڪنگ في وصول ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي هئي، 15 مئي تي ٺيڪيدار کي نوٽيس جاري ڪيا، ٻڌايو وڃي ته ٺيڪيدار کي پارڪنگ جو ٺيڪو ڪهڙي قانون تحت ڏنو ويو آھي؟ جنهن تي ڊي ايم سي جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته مون عهدو هينئر سنڀاليو آھي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جڏهن ٺيڪو ختم ٿي چڪو هو ته ان کي جاري ڇو ڪيو ويو؟ ٻڌايو وڃي ته پارڪنگ جو ٺيڪو جاري رکڻ لاءِ ڪيتري رقم ورتي وئي؟ ڊائريڪٽر پارڪنگ ٻڌايو ته ٺيڪي جو مدو وڌائڻ  لاءِ پئسا ناھن ورتا، چيف جسٽس چيو ته هر ڪو کانچي جي چڪر ۾ آهي، سچ ٻڌايو، ٺيڪي وڌائڻ  لاءِ ڪيترا پئسا ورتا ويا، ٻي صورت ۾ ڪمشنر ڪراچي کي گھرائي مامرو اينٽي ڪرپشن حوالي ڪندس، چيف جسٽس چيو ته توهان پارڪنگ جو ٺيڪو وٺندڙ ٺيڪيدار کي ڪيتري عرصي کان سڃاڻو ٿا؟ درخواستگذار چيو ته ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل پارڪنگ جي في 10 رپيا مقرر ٿيل آهي، پارڪنگ مافيا 30 رپيا اوڳاڙي رھي آھي، ايڊيشنل ڪمشنر عدالت کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي ڪراچي دوري سبب ڪمشنر مصروف آهي، هن چيو ته پارڪنگ في مقرر ڪرڻ ڊي ايم سيز جو ڪم آهي،   ڊي ايم سي سائوٿ 15 مئي تي جاري ڪيل پارڪنگ ڪانٽريڪٽ جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو، عدالت پارڪنگ جو ٺيڪو شفاف نموني سان جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٽن هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي.