ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جي اڳوڻي اداڪارا سومي علي انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ ڪيترن ئي هدايت ڪارن جنسي لاڳاپن جي ڪوشش ڪئي. ڀارتي ميڊيا کي ڪجھه ڏينهن اڳ ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سومي علي چيو ته ڪجھه هدايتڪارن جنسي لاڳاپا رکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آئون انهن ڏينهن ۾ نهايت اڻوڻندڙ لاڳاپن ۾ هيس. هن چيو ته بالي ووڊ ۾ واپسي و ڪو ارادو ناهي ڇو جو اتي آئون فِٽ نه هيس. واضح رهي ته 90 جي ڏهاڪي ۾ اداڪار سلمان خان جي گرل فرينڊ سومي انڪشاف ڪيو هو ته سلمان خان ساڻس دوکو ڪيو جنهن ڪري ٻنهي جو بريڪ اپ ٿي ويو.