ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ کليل کاڄرو تيل ۽ گيهه جي وڪري تي پابندي لاڳو ڪرڻ ۽ گيهه توڙي تيل جي ڪوالٽي جاچڻ جي طريقيڪار بابت فوڊ اٿارٽي طرفان اطيمنان جوڳو جواب نه ڏيڻ تان تيل ۽ گيهه جي سيل ڪيل گدامن کي ڊي سيل ڪرڻ (کولڻ)  جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته فوڊ اٿارٽي جي ڪاررواين بابت حتمي فيصلو بعد ۾ ٻڌايو ويندو. ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت جي مسلسل سوالن تي فوڊ اٿارٽي جو ڊي جي تيل جي ڪوالٽي جاچڻ جو ڪو  معيار  ٻڌائي نه سگهيو، چيف جسٽس پڇيو ته کليل کاڄرو تيل جو معيار جاچڻ جو ڪهڙو طريقيڪار آهي؟ جنهن تي فوڊ اٿارٽي جي وڪيل چيو ته سائنٽيفڪ پينل جائزو وٺي سفارشون تيار ڪندو آهي، جنهن تي عدالت چيو ته عام ماڻهو ڪيئن سمجهندو ته معياري تيل ڪهڙو آهي؟ هتي ايراني تيل به وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن جي جيڪا دل  چوي ٿي،  اهو وڪرو ڪندو آهي، عدالت پڇيو ته اڳواٽ ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي؟ چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته اسان جو اهو حال آهي جو ضرورت وقت پيناڊول گوري به نه ملي رهي آهي، عدالت فوڊ اٿارٽي جي ڊي جي کان پڇيو ته اوهان جي ڪواليفڪيشن ( تعليم) ڇا آهي؟ جنهن تي ڊي جي چيو ته سوشل پاليسيز ۾ ماسٽرز ڪيل آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سوشل پاليسيز جو کاڌ خوراڪ  سان ڪهڙو تعلق آهي؟ عدالت تيل ۽ گيهه جي سيل ڪيل گدامن کي کولڻ جي هدايت ڪندي چيو  ته غذائي شين جي معيار جي جاچ ڪرڻ ۽ فوڊ اٿارٽي بابت تفصيلي فيصلو بعد ۾ ڏنو ويندو