ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 21 ڪروڙ رپيا ساليانو ٽيڪس ادا ڪندڙ ڪراچي جي ٽريڪٽرن جي واپاري رياض شاهد خلاف پوليس پاران موبائل فون ڦر ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ کي ڄاڻايل معاملو حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي 30 جون تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي خيرپور ۾ ڪيس داخل ڪندڙ جاچ آفيسر کي به طلب ڪري ورتو،. ڪالهه رياض شاهد پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪندي چيو ته اوهان معاملي کي پاڻ ڏسو، جاچ لاءِ ايماندار پوليس آفيسر مقرر ڪريو. عدالت آءِ جي سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪروڙين رپين جو ٽيڪس ادا ڪندڙ واپاري موٽر سائيڪل ۽ 15 هزار جو موبائل فون ڪيئن ڦر ڪري سگهي ٿو؟ اهڙو ڪيس سمجهه کان ٻاهر آهي، عدالت پڇيو ويو ته موبائل فون گذريل سال ڊسمبر ۾ ڦريو ويو پر ڪيس هلندڙ سال مئي ۾ داخل ڪيو ويو، ڪيس داخل ڪرڻ ۾ ايتري دير ڇو ڪئي وئي آهي؟ عدالت پنهنجن ريمارڪس ۾ چيو ته هتي ماڻهو قتل ٿي وڃن ٿا پر ايف آءِ آر داخل نٿي ٿئي،  هتي وري 15 هزارن جي موبائل چوري جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي؟  هوڏانهن  آءِ جي غلام نبي ميمڻ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سڄي سنڌ جي ٿاڻن تي ڪيميرائون لڳائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، سمورن ٿاڻن جي ڪيميرائن جي مانيٽرنگ  لاڳاپيل ايس ايس پي آفيس مان ڪئي ويندي، اسان ٿاڻي ڪلچر کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان ڏس ۾ ڪيترن ئي آفيسرن جون بدليون به ڪيون آهن. آءِ جي سنڌ چيو ته ساليانو ٽيڪس ادا ڪندڙ واپاري خلاف موبائل فون ڦر جو ڪيس داخل ٿيڻ  تي آءِ جي سنڌ چيو ته مون تازو آءِ جي سنڌ جي چارج سنڀالي آهي، مون پراڻن ڪيسن جي جائزي  لاءِ ڪاميٽي جوڙي آهي، جلد عدالت کي آگاهي ڏيندس