تهران (م ڊ) ايراني جنرل امير علي حاجي زاده چيو آهي ته هاڻ به ڊونلڊ ٽرمپ کي قتل ڪري پاسداران انقلاب جي اڳوڻي سربراهه قاسم سليماني جو پلاند وٺڻ چاهيون ٿا. هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ ايراني ايرو اسپيس يونٽ جي ڪمانڊر جنرل امير علي حاجي زادا چيو ته اسان هاڻ به چاهيون ٿا ته قاسم سليماني جي قتل جو پلاند وٺڻ لاءِ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، سندس پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ۽ قتل جا حڪم جاري ڪندڙ اڳوڻي آمريڪي جنرل مڪ ڪينزي کي قتل ڪري ڇڏيون. هن وڌيڪ چيو ته ايران هاڻ آمريڪي سامونڊي جهازن کي ٻه هزار ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت حاصل ڪري چڪو آهي، اسان يورپ جو خيال ڪندي 2 هزار ڪلو ميٽر حد مقرر ڪئي آهي ۽ اميد ڪريون ٿا ته يورپ پاڻ کي ان احترام جي قابل ثابت ڪندو.