هاڻي ٻڍڙن جي جوان بڻجڻ جي خواهش به پوري ٿيندي!

0
316

واشنگٽن(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪي ماهرن هڪ حيران ڪندڙ تجربي جي ڪامياب ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جنهن ۾ ماهرن وڏي عمر جي ڪوئن کي جوان جڏهن ته گهٽ عمر جي ڪوئن کي وڏي عمر جو بڻائڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي آهي

سائنسي رسالي “سيل” ۾ شايع ٿيل تحقيق موجب آمريڪي ايپي جينيٽڪ ماهرن ڪراڙپ کي ختم ڪرڻ لاءِ شروعاتي طور تي ڪوئن تي تجربو ڪيو جيڪو حيران ڪندڙ طور تي ڪامياب ٿيو

ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته ايپي جينيٽڪ يعني ڊي اين اي ۽ جينز ۾ تبديلي جي طريقن سان وڏي عمر جي ڪوئن کي جوان بڻائڻ جو تجربو ڪامياب ٿيو جڏهن ته گهٽ عمر جي ڪوئن کي وڏي عمر جو به ڪيو ويو

ايترو ئي نه بلڪ ماهرن دعويٰ ڪئي ته هنن جي علاج جي طريقي ۽ تجربي سان انڌن ڪوئن جي اکين جي روشني به واپس اچي وئي جڏهن ته وڏي عمر جي ڪوئن جا اندروني عضوا به متحرڪ ۽ جوان ٿي ويا

مٿي ڄاڻايل ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته انساني ڊي اين اي ۽ سيلز ۾ موجود خاص ڪيميڪلز کي تبديل يا بهتر ڪري ٻارن کي جوان، جوانن کي پوڙهو ۽ پوڙهن کي جوان بڻائي سگهجي ٿو