ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان بگ باس 16 جي نئين سيزن ۾ شرڪت ڪندڙن کي خبردار ڪري ڇڏيو. بگ باس 16 جي نئين پرومو ۾ اداڪار جو چوڻ آهي ته هي سيزن مختلف هوندي ڇوته هن ۾ بگ باس پاڻ به گيم ۾ حصو وٺندو. پرومو جي خاص ڳالهه اها هئي ته ان ۾ سلمان خان 1987ع جي مشهور فلم مسٽر انڊيا جي موگيمبو جي ڊريسنگ ۾ نظر آيو، فلم مسٽر انڊيا ۾ موگيمبو جو هڪ مشهور جملو “موگيمبو خوش هوا” اڃا تائين مقبول آهي. سلمان خان پنهنجي پرومو ۾ چيو ته هاڻي موگيمبو ڪڏهن به خوش نه ٿيندو، ڇوته هاڻي سڀني کي بگ باس کان ڊڄ ٿيندو، بگ باس 16 گيم تبديل ٿيندو ڇوته بگ باس هاڻي پاڻ کيڏندو.