نبي سر روڊ (ن پ ا) برسات بعد قديمي هاڪڙي ڍوري ۾ چاڙهه بعد پاڻي  فصلن ۾ داخل ٿي ويو آهي، جڏهن ته هاڪڙي جي ڪنڌين تي آباد ڳوٺن جي پڻ ٻڏڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ نهٽو، راڻا واءِ، راڄاري، ڳوٺ فتح محمد جلباڻي سميت ٻين هنڌن تي پاڻي ۾ مسلسل چاڙهه سبب بيٺل فصلن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، جڏهن ته نهٽو ۽ راڻا واءِ وٽان هاڪڙي ڍوري جو پاڻي ڀرپاسي واري ڳوٺن ڏانهن به وڌڻ لڳو آهي، رهواسين موجب صفائي نه ٿيڻ ۽ مختلف هنڌن تي بند ڏئي هاڪڙي جي زمينن تي بااثرن پاران قبضا ڪري پوکائي ڪرڻ سبب پاڻي جي نيڪال جا رستا بند ٿي ويا آهن، جنهن ڪري ڍورو اور ٽاپ ٿي رهيو آهي، هنن جو چوڻ هو ته هاڪڙي ڍوري جي مسلسل چاڙهه سبب پاڻي آبادين ۾ ڪاهي پيو آهي، جنهن ڪري ڪيترائي ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته هاڪڙي ڍوري مان پاڻي نيڪالي جا جوڳا اپاءَ وٺي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.