هالي ووڊ کان بالي ووڊ ۽ اتان پاڪستان ايندڙ ڪلچر اسان جي خانداني نظام کي تباهه ڪري ڇڏيندو: وزيراعظم عمران خان

0
256
هالي ووڊ کان بالي ووڊ
 هالي ووڊ کان بالي ووڊ ۽ اتان پاڪستان ايندڙ ڪلچر اسان جي خانداني نظام کي تباهه ڪري ڇڏيندو: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سوشل ميڊيا جي اچڻ سان نئين نسل لاءِ چئلينجز به وڌي ويا آهن ۽ جنسي ڏوهن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي.

اسلام آباد ۾ قومي رحمت اللعالمين ﷺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هالي ووڊ کان بالي ووڊ ۽ اتان پاڪستان ايندڙ ڪلچر اسان جي خانداني نظام کي تباهه ڪري ڇڏيندو. اسان کي پنهنجن ٻارن ۽ نوجوانن کي ٻاهرين ثقافتي يلغار کان بچائڻو آهي.

 

عمران خان چيو ته رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو مقصد نوجوانن کي سيرت نبي صلي الله عليه و آله وسلم کان آگاهه ڪرڻ آهي ته جيئن پيغمبر صلعم هنن جو رول ماڊل نمبر ون بڻجي وڃي.

وزيراعظم ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ملڪ ۾ جنسي ڏوهه تيزي سان وڌي رهيا آهن ۽ اهو هڪ وڏو خطرو آهي. برطانيا ۾ جنسي ڏوهن جي ڪري خانداني نظام درجيوار تباهه ٿي ويو. اسان ٻارن کان موبائيل فون زبردستي ڦري نه ٿا سگهون ۽ سوشل ميڊيا به بند نه ٿا ڪري سگهون، پر اسان گهٽ ۾ گهٽ ٻارن جي تربيت ته ڪري سگهون ٿا ۽ هنن کي ٻاهرين ڪلچر جي خراب اثرن بابت آگاهه ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته ڪنهن به معاشري ۾ خانداني نظام ان وقت ٽٽي پوندو آهي جڏهن فحاشي وڌي ويندي آهي.