لنڊن(شوبز نيوز) نيٽ فلڪس جي مشهور ويب سيريز “دي ڪرائون” ۾ پاڪستاني اداڪار همايون سعيد جي پهرين جهلڪ جاري ڪئي وئي. همايون سعيد ان ڊرامي سيريز ۾ پاڪستاني ڄائي برطانوي ڊاڪٽر حسنات جو ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جو مبينا طور تي ليڊي ڊيانا سان عشق هلندو آهي. پنهنجي منفرد ڪردار بابت ڳالهائيندي همايون سعيد چيو ته ڊاڪٽر حسنات ۽ ليڊي ڊيانا ٻه مڪمل متضاد ڪردار آهن. ڊاڪٽر حسنات نهايت عام ماڻهو هو، ان لاءِ ليڊي ڊيانا کي هن ۾ ڪشش محسوس ٿيندي آهي. همايون سعيد چيو ته ڊاڪٽر حسنات جو ڪردار ادا ڪرڻ هڪ وڏي ذميداري هئي ڇو ته هن کي ليڊي ڊيانا سبب هر شخص ڄاڻيندو آهي. اداڪار وڌيڪ چيو ته مونکي يقين آهي ته ناظري کي اسڪرين تي اهو ڪردار گهڻو پسند ايندو.