هالا (ن پ ا) هالا ۾ ڪچي جي زميندارن جو هارين سان گڏ ٻيلي کاتي جي آفيسرن خلاف باء پاس وٽ احتجاجي ڌرڻو هڻندي نيشنل هاءِ وي جا ٻئي روڊ بند ڪري ڇڏيا، جنهن سبب ڪيتريون گاڏيون بيهي رهيون. ڌرڻي ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن نصير احمد ميمڻ جي هدايت تي سيد منور علي شاهه جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي نيشنل هاءِ وي تي احتجاج ڪندڙ ڪچي جي زميندارن ٻيلي کاتي ھالا جي رينجر فاريسٽ آفيسر، ڊي ايف او فاريسٽ ۽ سندس عملدارن تي الزام هڻندي هنن چيو ته ٻيلي کاتي جا آفيسر بلا جواز جي سندن زمينن تي هلان ڪندي سندن زمينن تي لڳل مشينون زبردستي کڻي وڃڻ بعد کان زبردستي ڀتو وصول ڪرڻ بعد کين هر روز تنگ ڪندي رهندا آهن ۽ رقم نه ڏيڻ تي هو مقامي پوليس جي ملي ڀڳت سان مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين بلا جواز پريشان ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف نيشنل هاءِ وي بلاڪ هجڻ جي اطلاع تي ڊي ايس پي ھالا جي اڳواڻي ۾ ھالا، ھالا پراڻا،خانوٺ جي پوليس جي وڏي نفري پهچي ڳالهيون ڪندي کين يقين ڏياريو ته مقامي پوليس کين ڪنهن به قسم سان تنگ نه ڪندي ۽ نه ئي وري ٻيلي کاتي جي آفيسرن سان گڏ سندن زمينن ۽ گهرن ڏانهن ايندي، ڊي ايس پي ھالا جي يقين ڌياني بعد مظاهرين احتجاج ختم ڪندي نيشنل هاءِ وي تي رکيل رڪاوٽون هٽائيندي روڊ تي ٽريفڪ بحال ڪري ڇڏي.